ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم جو جواب ڏيڻو پوندو، ڪشمير اسان جو ۽ اسان ڪشمير جو اڻ ٽُٽُ حصو آهيون،وفاقي وزير پرويز رشيد

Pervaiz-Rasheed-18816

وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم جو جواب ڏيڻو پوندو، ڪشمير اسان جو ۽ اسان ڪشمير جو اڻ ٽُٽُ حصو آهيون، ڪيو ٻيو اهڙي دعويٰ به نه ٿو ڪري سگهي، پاڪستان سدائين ڪشمير جو ڪيس وڙهيو آهي ۽ وڙهندو رهندو.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته پاڪستان سدائين ڪشمير جو ڪيس وڙهيو آهي ۽ وڙهندو رهندو.

پرويز رشيد جو چوڻ هو ته پاڪستان جا قدم ڪڏهن به ڪشمير واري معاملي تي نه لڏيا آهن ۽ معاملا هٿيار کڻڻ تائين به ويا آهن پوءِ به پوئتي نه هٽيا آهن.

پرويز رشيد جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جا شهري ڀارت کي قبول نه ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان جا جهنڊا ڦڙڪائي رهيا آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*