پئرس ۾ مزاحيه رسالي جي آفيس تي هٿياربندن جي حملي ۾ 10 صحافي ۽ 2 پوليس اهلڪار مارجي ويا

فرانس جي شهر پئرس ۾ مزاحيه رسالي جي آفيس تي هٿياربندن جي حملي ۾ 10 صحافين ۽ ٻن پوليس اهلڪارن جي مارجڻ واري واقعي سڄي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث 3 ڄڻن جي سڃاڻپ بعد دهشتگردن جي نيٽ ورڪ جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

فرانسيسي اختيارين جو چوڻ آهي ته رسالي جي آفيس تي حملو ڪندڙ هٿياربندن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي جن ۾ 32 سالن جو شريف سندس ڀاءُ سعيد ۽ هڪ 18 سالن جو حميد مراد شامل آهن.

فرانس جي صدر واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعو دهشتگردي جي ڪارروائي آهي، ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

فرانسيسي صدر فرانسوا اولاند قوم کي خطاب ۾ قومي اتحاد جي ضرورت تي زور ڏيندي هڪ ڏينهن لاءِ قومي سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو.

آمريڪي صدر براڪ اوباما، برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون، جرمن چانسلر انجيلا مرڪل، اترڪوريا جي پرڏيهي وزارت ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون سخت مذمت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*