نوازليگ پي ٽي آءِ ايم اين اي جهانگير ترين جي نااهليءَ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ ريفرنس جمع ڪرائي ڇڏيو

jahagit-tahreen-18816

نوازليگ پي ٽي آءِ ايم اين اي جهانگير ترين جي نااهليءَ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ ريفرنس جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جهانگير ترين چيو آهي ته حڪومت کين ڊيڄاري نه ٿي سگهي، هو اسيمبلي ۾ رهي يا نه رهي احتساب واري تحريڪ جاري رهندي.

نوازليگ جي طلال چوڌري، دانيال عزيز ۽ مائزه حميد اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪري جهانگير ترين خلاف ريفرنس جمع ڪرايو.

نواز ليگ پاران جهانگير ترين خلاف جمع ڪرايل ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته جهانگير ترين اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل اثاثن ۾ ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ هو ٽيڪس به ناهي ڏيندو، جنهن سبب کيس نااهل قرار ڏئي سندس رڪنيت ختم ڪئي وڃي.

نوازليگ جي ريفرنس تي جواب ڏيندي پي ٽي آءِ جي ايم اين اي جهانگير ترين چيو آهي ته کيس نوازليگ جي ريفرنس تي کل اچي رهي آهي.

جهانگير ترين جو چوڻ هو ته قوم کي خبر آهي ته سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڪير ڏيندو آهي ۽ ڪير ٽيڪس چوري ڪندو آهي.

جهانگير ترين جو چوڻ هو ته ڀلي کيس نااهل قرار ڏنو وڃي هو حڪومتي ڌمڪين ۾ نه ايندا ۽ احتساب واري تحريڪ جاري رهندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*