پيپلز پارٽي جي اڳواڻ لطيف کوسا چيو آهي ته حڪومت نواز شريف کي بچائڻ بدران ايماندار وزير اعظم آڻي، چوڌري نثار عدالتي فيصلن کي ٿڏي رهيو آهي

khi latif khosa

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ لطيف کوسا چيو آهي ته حڪومت نواز شريف کي بچائڻ بدران ايماندار وزير اعظم آڻي، چوڌري نثار عدالتي فيصلن کي ٿڏي رهيو آهي، گهرو وزير جو ڌيان قومي ايڪشن پلان تي عمل بدران رڳو ايان علي کي نقصان پهچائڻ طرف آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار عدالتي فيصلن تي عمل ڪرڻ بدران ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي پاناماليڪس اسڪينڊل جي شفاف جاچ چاهي ٿي، اليڪشن ڪميشن ۾ وزير اعظم نواز شريف خلاف ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن.

سندس چوڻ هو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي، حڪمران رڳو ترقي جون کوکليون دعوائون ڪري قوم کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن.

لطيف کوسا چيو ته بدقسمتي سان سمورن ادرا ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن، نواز سرڪار ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران روڊ ٺاهڻ ۾ رڌل آهي.

پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته حڪومت نواز شريف کي بچائڻ بدران ايماندار وزير اعظم آڻي، چوڌري نثار عدالتي فيصلن کي ٿڏي رهيو آهي، گهرو وزير جو ڌيان قومي ايڪشن پلان بدران رڳو ايان علي کي نقصان پهچائڻ طرف آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*