ثقافت، سياحت ۽آرڪيالاجي واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته کاتي جي بجيٽ ٻولي ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه لاءِ خرج ڪئي يندي

hyd sardar sahah

ثقافت، سياحت ۽آرڪيالاجي واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته کاتي جي بجيٽ ٻولي ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه لاءِ خرج ڪئي يندي، جنهن لاءِ  هو کاتي جي وزير نه پر سهولتڪار طور ڪم ڪري رهيو آهي.

  صوبائي وزير سردار شاهه حيدرآباد ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي دوري دوران ڊاڪٽر ماجد ڀرڳڙي انيسٽيٽيوٽ آف لينگويج قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرمين سرفراز راڄڙ  صوبائي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته دنيا جي مختلف هنڌن تي سنڌي ٻولي جي ثقافت جا ثبوط مليا آهن، پر 21 صدي جي چئلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ان قسم جي اداري جو هئڻ ضروري آهي.

صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته کاتي جي بجيٽ ٻولي ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه لاءِ خرج ڪئي يندي، جنهن لاءِ  هو کاتي جي وزير نه پر سهولتڪار طور ڪم ڪري رهيو آهي.

 صوبائي وزير سردار شاهه شمس العملاءَ ڊاڪٽر دائود پوٽو لائبريري ۽ سنڌ ميوزيم جو به دورو ڪيو.

صوبائي وزير دائود پوٽو لائبريري ۾ واسطيدار ڪتابن جي کوٽ پوري ڪرائي، ميوزيم کي به جديد انداز ۾ بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*