آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه صوبي اندر دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جي سمورن نقطن تي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي
آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه صوبي اندر دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جي سمورن نقطن تي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر، ڊي آءِ جي هيڊڪواٽرز عمران يعقوب منهاس، ڊي آءِ جي ڏکڻ ۽ ڊي آءِ جي سي آءِ اي سميت ۽ ٻين عملدارن جي شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڪراچي آپريشن ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان آءِ جي سنڌ کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن تي هن اطمينان جو اظهار ڪيو.
آءِ جي سنڌ چيو ته دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جي سمورن نقطن تي عمل ٿيڻ گهرجي…………….