بلوچستان جي وڏي نواب ثناءُ الله زهري چيو آهي ته آزادي جو دوکو ڏيندڙن بلوچستان ۾ رت جون نديون وهايون آهن

sana ullah

بلوچستان جي وڏي نواب ثناءُ الله زهري چيو آهي ته آزادي جو دوکو ڏيندڙن بلوچستان ۾ رت جون نديون وهايون آهن، آزادي جي ڳالهه ڪندڙ نام نهاد قومپرست ڪوئيٽا ۾ 50 ماڻهو گڏ ڪري پاڪستان مخالف نعرو هڻي ڏيکارين ته کين مڃيندس.

ڪوئيٽا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري چيو ته براهمداغ بگٽي ڪجهه ٽڪن عيوض هڪ هندوءَ کي سلام ڪيو آهي، آزادي جي ڳالهه ڪندڙ ڇا بلوچستان کي ٻيهر هندن جي غلاميءَ جي ور چاڙهڻ چاهين ٿا؟.

هـُن چيو ته برهمداغ بگٽي نريندر مودي جي تعريف ڪري ثابت ڪري ته ڀارت بلوچستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي، برهمداغ بگٽي نريندر مودي جو يار آهي ۽ مودي جا يار سڀ غدار آهن.

بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته برهمداغ بگٽي، حريبار مري ۽ ٻيا ڀارت کان فنڊ وٺي رهيا آهن، ڪيترائي مودي ۽ براهمداغ آيا ۽ هليا ويا پر پاڪستان هميشه قائم ۽ دائم رهندو.

ثناءُ الله زهري وڌيڪ چيو ته ڀارت بلوچستان ۾ جنگ شروع ڪئي آهي پر ڪاميابي اسان جي ئي ٿيندي.

هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان مان ڀارتي نيوي جي حاضر سروس آفيسر کي گرفتار ڪيو ويو، ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري پاڪستان ۾ را جي مداخلت جو ثبوت آهي.

ثناءُ الله زهري براهمداغ بگٽي کي چيلينج ڪيو ته دشمنن جي هٿن ۾ کيڏندڙ ڪوئيٽا ۾ 50 ماڻهو گڏ ڪري پاڪستان مخالف نعرو هڻي ڏيکارين……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*