هنڱورجا ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تان زهر ڏنل جوڙي جو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ علاج جاري، ڊاڪٽرز نوجوان ڪامران لاڙڪ جي حالت انتهائي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏي آهي

larkana kamran and tahira

هنڱورجا ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تان زهر ڏنل جوڙي جو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ علاج جاري، ڊاڪٽرز نوجوان ڪامران لاڙڪ جي حالت انتهائي خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏي آهي.

پسند جو پرڻو ڪرڻ تان هنڱورجا ۾ زوري زهر ڏنل ڪامران لاڙڪ ۽ سباس طاهره شاهه جو علاج چانڊڪا ڪاليج جي آءِ سي يو ۾ علاج جاري آهي، جتي 3 پوليس اهلڪار سندن سيڪيورٽي لاءِ مقرر آهن.

آءِ سي يو جي انچارج ڊاڪٽر اشفاق ڀٽو ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪامران لاڙڪ جي جسم ۾ زهر ڦهلجي وڃڻ ڪري سندس دل تي اثر ٿيو آهي.

هن چيو ته سينيئر ڊاڪٽرز کان ڪامران جو معائنو ڪرايو ويو آهي، هن وقت کيس ڪراچي ته ڇا آءِ سي يو کان ٻاهر شفٽ ڪرڻ به ممڪن ناهي.

ڊاڪٽر اشفاق ڀٽو چيو ته طاهره شاهه جي حالت سڌرندڙ آهي، هوءَ ذهني دٻاءُ جو شڪار ضرور آهي، کيس اڄ يا سڀاڻي وارڊ ۾ شفٽ ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*