سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر بئريسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ وزيراعظم نواز شريف جو گهيرو تنگ ٿي چڪو آهي

lahore ehtizaz

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر بئريسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ وزيراعظم نواز شريف جو گهيرو تنگ ٿي چڪو آهي، پاناما ليڪس جي گهنٽي حڪومت جي ڳلي ۾ وڄندي رهندي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ٽي او آر تي حڪومت مان گهڻي اميد نه آهي، وفاقي سرڪار جي راضي ٿيڻ تائين ٽي او آر نٿا ٺهي سگهن.

هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف پاڻ کي ڪيترائي ڀيرا احتساب لاءِ پيش ڪرڻ جي دعويٰ ڪري چڪو آهي پر ٽي او آر ڪميٽي ۾ شامل حڪومتي ميمبرن جو مقصد وزيراعظم کي احتساب کان بچائڻ آهي.

اعتزاز احسن چيو ته اسپيڪر اياز صادق ٽي او آر ڪميٽي ۾ شرڪت جي درخواست ڪئي هئي پر ان تي به واضح ڪيو ويو آهي ته جيستائين حڪومت لچڪ نه ڏيکاريندي، تيستائين ٽي او آر ڪميٽيءَ جو اجلاس گهرائڻ جو ڪو به فائدو ناهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ وزيراعظم نواز شريف جو گهيرو تنگ ٿي چڪو آهي، پاناما ليڪس گهنٽي وانگر حڪومت جي ڳلي ۾ ٻڌل هوندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*