ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قتل ڪيس فوجي عدالت ۾ نه اماڻن خلاف سکر ۾ جميعت علماءِ اسلام پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

j u i

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قتل ڪيس فوجي عدالت ۾ نه اماڻن خلاف سکر ۾ جميعت علماءِ اسلام پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جمعيت علماءِ اسلام پاران عبيد الله ڀٽو، آغا هارون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيو سکر ۾  مدرسي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.

اڳواڻن چيو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قتل ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن ناهي اماڻيو ويو.

هنن چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قتل ڪيس فوجي عدالتن ۾ نه اماڻڻ سان قاتلن کي درست نموني سزا نه ملي سگهندي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قتل ڪيس فوري طور تي فوجي عدالت ڏانهن اماڻيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*