وزيرستان ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿي ويل فوجي عملدار عنايت الله گجر جو گهوٽڪي ويجهو فوجي اعزاز سان مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

hingor

وزيرستان ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿي ويل فوجي عملدار عنايت الله گجر جو گهوٽڪي ويجهو فوجي اعزاز سان مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته وانا ۾ شهيد ٿي ويل فوجي اهلڪار محمد ڏتل سهتو جي به هنڱورجا ويجهو اباڻي ڳوٺ ۾ فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي وئي.

آپريشن خيبر ٿري ۾ دشمن سان مقابلي ۾ شهيد ٿي ويل حوالدار عنايت الله گجر جو مڙهه  گهوٽڪي ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ محمود گجر پهچايو ويو.

شهيد عنايت الله گجر جو مڙهه فوجي اعزاز سان سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

جنازي نماز ۾ برگيڊيئر شفقت الله، ميجر فيصل، ڪيپٽن فرڪان، ڪيپٽن ذيشان ۽ ٻين فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.

وانا ۾ شهيد ٿي ويل فوجي اهلڪار محمد ڏتل سهتو جي هنڱورجا ويجهو ڳوٺ رڪڻاڻي سهتاڻي ۾ فوجي اعزاز  سان تدفين ڪئي وئي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*