لاڙڪاڻو جي چانڊڪا اسپتال ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سهڪار سان شگر جي علاج لاءِ 2 نوان وارڊ قائم ڪيا ويا، ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي

larkana iftida

لاڙڪاڻو  جي چانڊڪا اسپتال ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سهڪار سان شگر جي علاج لاءِ 2 نوان وارڊ قائم ڪيا ويا، ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته وارڊن ۾ شگر جي مريضن جو مفت علاج ڪيو ويندو.

 چانڊڪا اسپتال ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي سهڪار سان شگر جي علاج لاءِ وارڊ قائم ڪيا ويا، جنهن  جو ڪمشنر انعام الله ڌاريجو، وائيس چانسلر پروفيسر اصغر چنو پاران افتتاح ڪيو ويو.

ان موقعي تي ڊاڪٽر حاڪم ابڙو  ۽ ايوب جلباڻي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته چانڊڪا اسپتال ۾ قائم ٻن وارڊن ۾ شگر جي هر مريض جو مفت علاج ڪيو ويندو.

هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اندر هتي شگر جا وڌيڪ ماهر ڊاڪٽرز گهرايا ويندا، جنهن بعد شگر کان بچاءَ بابت وڌيڪ مريضن جو درست نموني علاج ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*