نوابشاهه مان هڪ تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش هٿ ڪيو ويو

نوابشاهه مان هڪ تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش هٿ آيو آهي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته لاش گذريل ڏينهن پي ايم يو اسپتال مان اغوا ٿيل ٻارڙي جو آهي، جڏهن ته وارثن ٻارڙي جو لاش کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

نوابشاهه جي گاجرا واهه ڀرسان ڪئنچي پل وٽان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش هٿ ڪيو ويو، پوليس جي دعويٰ آهي ته هٿ آيل لاش گذريل ڏينهن پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال مان اغوا ٿيل ٻارڙي جو آهي.

اغوا ٿيل ٻارڙي جي وارثن لاش کڻڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هٿ آيل ٻارڙي جو لاش سندن ناهي، سندن ٻارڙو صحتمند هو ۽ کيس وار به هئا.

معاملو تڪراري بڻجڻ بعد ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هٿ آيل لاش ۽ وارثن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ويندي، جنهن بعد خبر پوندي ته ٻارڙو ڪنهن جو آهي.

گذريل ڏينهن پي ايم يو اسپتال مان هڪ اڻڄاتل عورت معصوم ٻارڙي جو اغوا ڪري فرار ٿي وئي هئي، جيڪو پوليس اڃا بازياب ناهي ڪرائي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*