بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ پٽ سميت 4 گهرڀاتي مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

balochistan

بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ پٽ سميت 4 گهرڀاتي مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

هرنائي جي ڊپٽي ڪمشنر عصمت الله  موجب ڳوٺ شاهرڳ ۾هٿياربندن هڪ گهر ۾ گهڙي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ پٽ سميت هڪ ئي ڪٽنب جا چار ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

ڊپٽي ڪمشنر موجب واقعي بابت فوري طور تي ليويز کي اطلاع ڏنو ويو. ليويز واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي عورت کي کڻائي اسپتال  منتقل ڪيو.

 ليويز جو چوڻ آهي ته زخمي عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن ڪري بيان وٺڻ ۾ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.

ليويز ذريعن موجب هٿياربند گهر ۾چوريءَ جي نيت سان داخل ٿيا، ڀاڳين کي سجاڳي ٿيڻ تي هنن مزاحمت ڪئي، جنهن تي هٿياربند فائرنگ ڪري پيءُ پٽ سميت چئن ڄڻن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*