گڏيل قومن جـَي سيڪريٽري جنرل بان ڪـِي مـُون وزيراعظم نواز شريف جي والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت خط جو جواب

Ban-Ki-Moon-19816

گڏيل قومن جـَي سيڪريٽري جنرل بان ڪـِي مـُون وزيراعظم نواز شريف جي والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت خط جو جواب ڏيندي چيو آهي ته علائقي سلامتي ۽ خطي ۾ امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي، پاڪستان ۽ ڀارت کي ڪشمير تڪرار حل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.

 وزيراعظم نواز شريف ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي ظلم خلاف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون کي خط لکي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.

بان ڪي مون وزيراعظم نواز شريف جي خط جو جواب ڏيندي چيو آهي ته هـُو والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين مظاهرين جي مارجڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.

بان ڪي مون چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه  جوڳيون آهن، اميد آهي ته ڪشمير ۾ شهرين تي ٿيندڙ تشدد روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.

هـُن وڌيڪ چيو ته علائقائي سلامتي ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ ڪشمير تڪرار جو حل ضروري آهي، پاڪستان ۽ ڀارت کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.

بان ڪي مون چيو ته  پاڪستان ۽ ڀارت ڪشمير تڪرار تي ڳالهيون ڪن، گڏيل قومون ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن کي خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون اهو به چيو ته هـُو ايندڙ مهيني ٿيندڙ جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات جو منتظر آهي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*