سنڌ هاءِ ڪورٽ 10 ڄڻن جي گمشدگي وارين درخواستن تي ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي 19 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو

SHC-19816

سنڌ هاءِ ڪورٽ 10 ڄڻن جي گمشدگي وارين درخواستن تي ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي 19 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو، عدالت ٻن شهرين جي گمشدگي بابت درخواستون پيروي نه ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏيون.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 25 کان وڌيڪ ماڻهن جي گمشدگي بابت داخل مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران رحمت الله، نويد ۽ آصف جي واپسي بابت پوليس طرفان رپورٽ جمع ڪرائي وئي.

عدالت سعيد احمد، ڪامران، اساما ۽ نعيم سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهن جي گمشدگي تي ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ صوبائي گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي 19 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.

عدالت ٻن شهرين جي گمشدگي بابت داخل درخواستون مسلسل پيروي نه ٿيڻ تي خارج ڪري ڇڏيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*