سپريم ڪورٽ، قومي احستاب بيورو ۾ غير قانوني ڀرتين بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي لاءِ 24 آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ، قومي احستاب بيورو ۾ غير قانوني ڀرتين بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي لاءِ 24 آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ نيب ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ مقررين بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪندي.

چيف جسٽس پاران نيب ۾ ڀرتين واري نوٽيس تي ٻڌڻي لاءِ جوڙيل 3 رڪني بينچ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس فيصل عرب به ذميواريون نڀائيندا.

واضح رهي ته قومي احتساب بيورو ۾ وڏي پئماني تي غير قانوني ڀرتين ۽ مقررين ٿيڻ جا انڪشاف سامهون آيا، جنهن تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس نوٽيس ورتو هو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*