سکر جي ايم ڪي هاءِ اسڪول ۽ گرلز ڪاليج ۾ بم واري اطلاع تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ پهچي تعليمي ادارن کي ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن هڪ خط ذريعي بم جو اطلاع ڏنو ويو هو

suk school bomb

سکر جي ايم ڪي هاءِ اسڪول ۽ گرلز  ڪاليج ۾ بم واري اطلاع تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ پهچي تعليمي ادارن کي ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن هڪ خط ذريعي بم جو اطلاع ڏنو ويو هو.

ايم ڪي هاءِ اسڪول ۽ گرلز ڪاليج ۾ بم جو اطلاع ملڻ بعد پوليس پاران علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو، جنهن بعد بم ڊسپوزل اسڪواڊ پهچي ٻنهي ادارن کي ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن هڪ ڇوڪري جي نالي سان مليل خط ذريعي ٻنهي ادارن ۾ بم جو اطلاع ڏنو ويو  هو، جنهن بعد سرچ ڪري علائقي کي ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي ۽ معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*