سنڌ هاءِ ڪورٽ اي او بي آءِ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن واري واري ڪيس ۾ اوڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد سليم جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

sindh highi court

سنڌ هاءِ ڪورٽ اي او بي آءِ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن واري واري ڪيس ۾ اوڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد سليم جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، نيب طرفان ضمانت واري درخواست جي مخالفت ڪئي وئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾اي او بي آءِ جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد سليم جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب ۽ درخواستگذار جي وڪيلن پيش ٿي دليل ڏنا.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر نه پر چيئرمين مجاز اٿارٽي آهي، معاملي ۾ ٿيل پلي بارگين کي به سندس موڪل چئلينج ڪيو آهي.

نيب جي وڪيل طرفان اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي ضمانت واري درخواست جي سخت مخالفت ڪندي چيو ته محمد سليم اي او بي آءِ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهي، تنهنڪري ضمانت منظور نه ڪئي وڃي.

عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد سليم جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*