سـُپريم ڪورٽ، اسلام آباد جي سرڪاري اسپتال پولي ڪلينڪ ۾ مهانگي اگهه تي گيس خريد ڪرڻ واري معاملي جي جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪندي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي

supremecourt

سـُپريم ڪورٽ، اسلام آباد جي سرڪاري اسپتال پولي ڪلينڪ ۾ مهانگي اگهه تي گيس خريد ڪرڻ واري معاملي جي جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪندي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اسلام آباد جي اسپتالن ۾ ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻـُڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران عدالتي حڪم تحت ايف آءِ اي اسلام آباد جو ڊائريڪٽر ۽ سيڪريٽري ڪيڊ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.

عدالت، پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ مهانگي اگهن تي گيس جي خريداري جو معاملو ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.

عدالت ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اسلام آباد کي حڪم ڏنو ته  مهانگي اگهن تي گيس سلينڊر جي خريداري وارو معاملي جي مڪمل جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ سيڪريٽري ڪيڊ ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن اسپتال ۾ دوائن ۽ مشينري جي موجودگي نه هوندي ته سيڪريٽري ڪيڊ ذميوار هوندو.

جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته پولي ڪلينڪ وفاقي راڄڌاني جي سرڪاري اسپتال آهي، ڇا هر سال اسپتال جي خرچن جو آڊٽ ناهي ٿيندو.

عدالت سيڪريٽري ڪيڊ کان اسپتالن ۾ سهولتن تي ذاتي طور تي هڪ هڪ شيءِ جو لکت ۾ بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اسپتالن ۾ مقرريون ۽ ڀرتيون قانون موجب ڪيون وڃن.

عدالت، سيڪشن ڪورت کي گيس جي خريداري بابت فيصلو 22 آگسٽ تي ٻڌائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*