بلوچستان جَي آوران واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 3 دهشتگرد مارجي ويا

Quetta-Army-19816

بلوچستان جَي آوران واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 3 دهشتگرد مارجي ويا، سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد فورسز تي حملن ۾ ملوث آهن.

آوران واري علائقي ۾ڳجهي اطلاع تي سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني.

ذريعن موجب، سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪجهه انتهاپسندن جي زخمين ٿيڻ جا به اطلاع آهن.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو ڪالعدم تنظيم سان آهي، جيڪي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*