لاهور هاءِ ڪورٽ، تاريخي عمارتن جي حد ۾ اورنج ٽرين منصوبي جي تعمير روڪڻ جو حڪم ڏيندي ماحولياتي گدلاڻ بابت سموريون درخواستون اڪلائي ڇڏيون

Orange-Train-Lahore-19816

لاهور هاءِ ڪورٽ، تاريخي عمارتن جي حد ۾ اورنج ٽرين منصوبي جي تعمير روڪڻ جو حڪم ڏيندي ماحولياتي گدلاڻ بابت سموريون درخواستون اڪلائي ڇڏيون.

جسٽس عابد عزيز شيخ ۽ جسٽس شاهد ڪريم تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ 2 رڪني بينچ اورنج ٽرين منصوبي بابت مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته ارونج ٽرين منصوبي سان تاريخي عمارتن کي نقصان پهچندو، جنهن ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي عمارت به شامل آهي.

درخواست ۾ڄاڻايو ويو ته اورينج ٽرين منصوبي ۾ پورهيتن جي حفاظت لاءِ قدم نه کڻڻ ڪري انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ماحولياتي گدلاڻ به پکڙجي رهي آهي.

عدالت سموريون درخواستون اڪلائيندي تاريخي هنڌن ۽ عمارتن جي حد ۾ 200 فوٽن تائين منصوبي جي تعمير روڪڻ جو حڪم ڏنو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*