شرجيل خان جي شاندار 152رنز جي اننگ ۽نوجوان اسپنر عماد وسيم جي 5 وڪيٽن پاڪستان کي آئرلينڊ خلاف کيڏي ويل ٻن ميچز تي ٻڌل سيريزجي پهرين ميچ ۾ هڪ طرفي مقابلي بعد 255رنز تان فتح ڏياري ورتي

Sharjeel-Pakistan-Cric-19816

شرجيل خان جي شاندار 152رنز جي اننگ ۽نوجوان اسپنر عماد وسيم جي 5 وڪيٽن پاڪستان کي آئرلينڊ خلاف کيڏي ويل ٻن ميچز تي ٻڌل سيريزجي پهرين ميچ ۾  هڪ طرفي مقابلي بعد 255رنز تان فتح ڏياري ورتي.

آئرلينڊ جي شهر ڊبلن ۾کيڏي ويل ميچ ۾ميزبان ٽيم جي ڪپتان پورٽرفيلڊ ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،جيڪو صحيح ثابت نه ٿيو.

برسات سبب ميچ کي 47 اوورس تائين محدود ڪيو ويو.

پاڪستان جي ٽيم مقرره اوورس۾6 وڪيٽن جي نقصان تي 337رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ نوجوان اوپنر شرجيل خان ڪيريئر جي جي پهرين سنچري 152رنز ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو،جڏهن ته شعيب ملڪ 57رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو ۽محمد نواز 53رنز اسڪور ڪيون.

آئرلينڊ پاران ميڪ ڪرٿي چار وڪيٽون حاصل ڪيون.

آئرلينڊ جي ٽيم پاڪستان پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 338رنز جوٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽پوري ٽيم 23 ڏهائي 4 اوورس ۾82رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي،جنهن ۾ ولسن 21، ميڪبرائن 14۽ڪپتان پورٽرفيلڊ 13رنز جي اننگ کيڏي.

پاڪستان پاران نوجوان ليف آرم ليگ اسپنر عماد وسيم 5 ڏهائي 4 اوورس ۾ 14رنز عيوض 5 ،عمر گل 3، جڏهن ته محمد عامر ۽محمد نواز هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان پاران محمد نواز ۽حسن علي ون ڊي ڪيريئر جي پهرين ميچ کيڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*