امريڪي شهر سنسناٽي ۾ جاري سنسناٽي ماسٽرس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ ٽاپ سيڊ انگلينڊ جي اينڊي مري ڏکڻ آفريڪا جي ڪيونِ اينڊرسن کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفا ءِ ڪري ورتو

Andy-Murray-19816

امريڪي شهر سنسناٽي ۾ جاري سنسناٽي ماسٽرس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ ٽاپ سيڊ انگلينڊ جي اينڊي مري ڏکڻ آفريڪا جي ڪيونِ اينڊرسن کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفا ءِ ڪري ورتو آهي.

آمريڪي شهر سنسناٽي ماسٽرس اوپن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ انگلينڊ جي اينڊي مري هڪ طرفي مقابلي بعد ڏکڻ آفريڪا جي ڪيونِ اينڊرسن کي ڇهه-ٽي۽ڇهه-ٻه تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

ميگا ايونت جي هڪ ٻي ميچ ۾ڪروشيا جي مارن ڪلڪِ چيڪ ريپبلڪ جي ٽامس برڊچ کي ڇهه-ٽي۽ڇهه-چار تان شڪست ڏئي فتح حاصل ڪئي.

ايونٽ جي ٻين ميچز ۾اسپن سان تعلق رکندڙ اسٽار رافيل نڊال ۽ اسٽيني سلاز وورنڪا سان گڏ جاپان جي ڪي نشيڪوري شڪست بعد ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*