سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو شهدادڪوٽ واسڻ عورت پاران مڙس ۽ ڏيرن جي ظلمن خلاف داخل پٽيشن تي ايس ايڇ او ۽ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 5 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي

LARK aurat

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو شهدادڪوٽ واسڻ عورت پاران مڙس ۽ ڏيرن جي ظلمن خلاف داخل پٽيشن تي ايس ايڇ او ۽ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 5 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

شهدادڪوٽ جي ڳوٺ ڪورو ڏاتو جي رهواسڻ عورت رحانا سيلرو مڙس ۽ ڏيرن جي ظلمن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته رحانا سيلرو جو مڙس ۽ ڏير کيس قتل ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن ڪري هوءُ گهر ڇڏي پنهن جي وارثن وٽ ترسيل آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مڙس ۽ ڏيرن رحانا سيلرو جي چئن ٻارڙن کي به قيد ڪري ڇڏيو آهي، واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس سندس ڪابه مدد ناهي ڪئي.

عدالت اهڙي درخواست تي ايس ايڇ او اي سيڪشن ۽ عورت ريحانا جي مڙس ۽ ڏيرن کي نوٽيس جاري ڪري 5 سيٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

عدالتي احاطي ۾ احتجاج ڪندي ريحانا سيلرو ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس مڙس سفر سيلرو، ڏير  الهرکيو ۽ ٻيا کيس مارڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته جوابدارن سندس ستن ورهين جي ڌيءَ سهانا، 5 ورهين جي ڄامل، ٻن ورهين جي محمد خان ۽ 6 مهينن جي پٽ راشد  کي به قيد ڪري ڇڏيو آهي.

عورت مطالبو ڪيو ته سندس ٻارڙا واپس ڏياري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*