پولينڊ ۾ ورلڊ جونيئر اسڪوائش چيميپئن شپ جو ٽائيٽل کٽڻ بعد قومي ٽيم وطن واپس پهچي وئي

Air-Cheif-19816

پولينڊ ۾ ورلڊ جونيئر اسڪوائش  چيميپئن شپ جو ٽائيٽل کٽڻ بعد قومي ٽيم وطن واپس پهچي وئي، ايئر چيف سهيل امان چيو آهي ته ضرب عضب آپريشن بعد ملڪ ۾ حالتون بهتر ٿيون آهن ۽راندين کي هٿي ملي آهي.

پاڪستان جونيئر اسڪوائش ٽيم فائنل ۾ مصر جي ٽيم کي هڪ جي ڀيٽ ٻن سيٽس تان شڪست ڏئي ورلڊ جونيئر چيمپيئن شپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪرڻ بعد پاڪستان پهچي وئي.

راولپنڊي جي نورخان ايئربيس تي ايئر چيف مارشل سهيل امان ٽيم جو اسعقبال ڪيو ۽رانديگرن کي هار پهرايا.

ان موقعي تي ايئر چيف مارشل سهيل امان جو چوڻ هوته ٽيم پاڪستان جونالو روشن ڪيوآهي ۽رانديگرن جو حوصلو ڏسي اها اميد آهي ته ايندڙ ورلڊ جونيئر چيمپئين شپ جو ٽائيٽل  به پاڪستان کٽندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*