سپريم ڪورٽ، سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ پارٽي بنيادن تي ڪرائڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ، سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ پارٽي بنيادن تي ڪرائڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت رماڪس ڏنا آهن ته هر ڪيس عوامي مفاد واري آرٽيڪل 184 تحت نٿو ٻڌڻي سگهي، درخواستگذار لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري.

جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ پارٽي بنيادن تي ڪرائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت درخواست تي اعتراض واريندي رماڪس ۾ چيو ته هر ڪيس عوامي مفادن واري آرٽيڪل 84 تحت نٿو ٻــڌي سگهجي.

عدالت رماڪس ڏنا ته هي صوبائي معاملو آهي، تنهنڪري درخواستگذار سنڌ هاءِ ڪورٽ يا ڪنهن ٻئي لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري سگهي ٿو.

واصح رهي ته اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار سنڌ ۾ مرزا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ غير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*