ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪي اِي ايس سي جَي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ جوابدار نائن زيرو جي اڳوڻي سڪيورٽي انچارج منهاج قاضي مٿان ايندڙ ٻڌڻيءَ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو

shahid-hameed

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪي اِي ايس سي جَي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ جوابدار نائن زيرو جي اڳوڻي سڪيورٽي انچارج منهاج قاضي مٿان ايندڙ ٻڌڻيءَ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، عدالت جوابدار کي شاهدن جي بيانن جون ڪاپيون ۽ ٻيا دستاويز فراهم ڪري ڇڏيا.

ڪي اي ايس سي جَي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد قتل ڪيس جي ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدار منهاج قاضي کي پيش ڪيو ويو.

عدالت جوابدار کي گواهن جي بيانن ۽ ٻين دستاويزن جا نقل فراهم ڪري ڇڏيا، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

عدالت شاهد حامد قتل ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم قائد سميت 5 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار صولت مرزا کي ڦاهي ڏني وئي هئي.

ڪي اي ايس سي جَي ايم ڊي شاهد حامد کي 1997ع ۾ قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو ڊفينس ٿاڻي تي جوابدارن مٿان ڪيس داخل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*