هنڱورجا ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تان زبردستي زهر پيارڻ بعد گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ فوت ٿي ويل نوجوان ڪامران لاڙڪ جو مڙهه هنڱورجا پهچائڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو پيو وڃي

premi joro

هنڱورجا ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تان زبردستي زهر پيارڻ بعد گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ فوت ٿي ويل نوجوان ڪامران لاڙڪ جو مڙهه هنڱورجا پهچائڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو پيو وڃي، چانڊڪا اسپتال ۾ علاج هيٺ ناري طاهره شاهه پاران مڙس سان ملائڻ لاءِ دانهون ڪرڻ تي سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي.

هنڱورجا ۾ پسند جي پرڻي تان زهر ڏنل جوڙي مان نوجوان ڪامران لاڙڪ زندگي جي جنگ هارائي ويو، ۽ ناري طاهره شاهه جو چانڊڪا اسپتال ۾ علاج جاري آهي.

نوجوان ڪامران جي مڙهه جو هنڱورجا اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ناري طاهره کي ڪامران جي موت بابت ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي.

وارثن پاران تدفين کان انڪار ڪرڻ بعد پوليس ڪامران لاڙڪ جي پيءُ غلام رسول ۽ ڀاءُ عمران لاڙڪ کي ڳوٺ پهچائي ڪامران لاڙڪ جو آخري ديدار ڪرايو، جنهن بعد مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو پيو وڃي.

چانڊڪا اسپتال جي ڊاڪٽرز موجب ڪامران جي موت کان اڻڄاڻ بڻيل طاهره شاهه مڙس سان ملائڻ لاءِ دانهون ڪيو ته سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي، جنهن ڪري کيس ميڊيڪل آءِ سي يو وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

ناري طاهره شاهه جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن کيس ٻڌايو ويو ته ڪامران جي حالت بهتر آهي ۽ هاڻ وري کيس ڪراچي منتقل ڪرڻ جو ٻڌايو ويو آهي.

ناري طاهره جو چوڻ آهي ته کيس فوري طور ڪامران سان ملايو وڃي، ٻي صورت ۾ هوءَ جيئري نه رهي سگهندي.

نوجوان ڪامران لاڙڪ ۽ سندس زال سباس طاهره شاهه کي پسند جو پرڻو ڪرڻ تان ناري جي وارثن ٻنهي کي رخصتي جي بهاني سان 5 ڏينهن اڳ گهرائي کين زبردستي زهر پياريو هو.

ڪامران ۽ طاهره شاهه کي زهر پيارڻ واري واقعي بعد پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي جوڙي کي پهريان گمبٽ اسپتال ۽ بعد ۾ خيرپور داخل ڪيو هو، جن کي گذريل ڏينهن چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو.

چانڊڪا اسپتال ۾ ڪامران لاڙڪ جي طبيعت انتهائي ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس آءِ سي يو وارڊ منتقل ڪيو ويو هو جتي موت سان جهيڙيدي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

ڊاڪٽرز جو چوڻ هو ته ڪامران جي جسم ۾ زهر ڦلهجڻ سبب نوجوان جي دل ڪم ڇڏي ڏنو هو، بلڊ پريشر به ڪنٽرول نه پئي ٿيو ۽ سموريون ڪوششون ڪرڻ باوجود سندس حياتي بچي نه سگهي.

پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد ناري جي پيءُ ۽ نوجوان ڪامران جي پيءُ سميت پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪري عدالت مان رمانڊ ورتو، جڏهن ته وڌيڪ 2 جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*