ڪراچي جي عدالت ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ جوابدار سعيد ڀرم جي 3 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي

city court

ڪراچي جي عدالت ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ جوابدار سعيد ڀرم جي 3 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، سعيد ڀرم مٿان آڪٽوبر 2003ع ۾ لياقت آباد ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان فيڪٽري مالڪ سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي.

ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ جوابدار سعيد ڀرم جي ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت جوابدار سعيد ڀرم جي ضمانت منظور ڪندي ٽَي لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

جوابدار سعيد ڀرم مٿان لياقت آباد ۾ 2003ع دوران ڀتو نه ڏيڻ تان فيڪٽري مالڪ سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*