ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ پوليس ٽن ورهين جي ٻارڙِي جي اغوا جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

Children-Kinnaped-19816

ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ پوليس ٽن ورهين جي ٻارڙِي جي اغوا جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ٻارڙِي جي والد جي فرياد تي پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

ريلوي لائين بلاڪ 5 مان ٽن ورهين جي سونيا کي جوابدار اغوا ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، والد جي رڙِين تي 15 پوليس موقعي تي پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب جوابدار جي سڃاڻپ سرجاڻي ٽائون واسي هارون طور ٿي آهي، جنهن خلاف ٻارڙِي جي والد جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران گلشن اقبال ٿاڻي ۾ اغوا جا 2 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*