نادرا، وفاقي وزير خواجه آصف جي تڪ اين اي 110سيالڪوٽ جي تڪ تي مبينا ڌانڌلي واري ڪيس ۾ پولنگ اسٽيشنز بابت فارنزڪ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

khuwaja-asif-16716

نادرا، وفاقي وزير خواجه آصف جي تڪ اين اي 110سيالڪوٽ جي تڪ تي مبينا ڌانڌلي واري ڪيس ۾ پولنگ اسٽيشنز بابت فارنزڪ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ خواجا آصف جي تڪ اين اي 110تي مبينا ڌانڌلي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران نادرا 26 پولنگ اسٽيشنز بابت فارنزڪ رپورٽ جمع ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته 19هزار 28 ووٽن مان مان 14 هزار 48 ووٽن جي آڱوٺن جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

فارنزڪ رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته  خواجه آصف جي تڪ تي 502ڪائونٽر فائليز جي به تصديق نه ٿي سگهي.

واضح رهي ته تحريڪ انصاف خواجه آصف جي تڪ تي مبينا ڌانڌلي بابت درخوسات داخل ڪرائي هئي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*