پيپلزپارٽي جي قيادت اتفاق ڪيو آهي ته حڪومت جي ڪرپشن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه ۾ وڃڻ ۽ روڊن تي اچڻ سميت هر ممڪن رستو استعمال ڪيو ويندو

349884_86589589

پيپلزپارٽي جي قيادت اتفاق ڪيو آهي ته حڪومت جي ڪرپشن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه ۾ وڃڻ ۽ روڊن تي اچڻ سميت هر ممڪن رستو استعمال ڪيو ويندو.

ذريعن موجب لنڊن ۾ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيل سان غور ڪيو ويو.

ملاقات دوران اليڪشن ڪميشن ۾ وزيراعظم نواز شريف خلاف داخل ريفرنس ۽ ٻين معاملن تي به ويچاريو ويو.

ذريعن موجب ملاقات دوران اتفاق ڪيو ويو ته حڪومت سان ڪنهن به قسم جي مفاهمت ۽ رعايت نه ٿيندي، پاناما ليڪس سميت حڪومت جي ڪرپشن وارن معاملن کي انجام تائين پهچايو ويندو.

پ پ قيادت پاران حڪومت سان پردي پٺيان رابطن وارين خبرن کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو ويو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ملاقات دوران ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته پارليامينٽ، اليڪشن ڪميشن، عدليه ۽ رستن تي اچڻ سميت حڪمرانن خلاف هر ممڪن رستو استعمال ڪيو ويندو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته اپوزيشن کي بليڪ ميل ڪرڻ وارا حڪومتي هربا ناڪام ٿيندا، اپوزيشن وٽ حڪومت لاءِ ڪو به نرم رويو نه آهي ۽ نه ئي حڪمرانن ڏانهن ڪو پيغام موڪليو ويو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*