وزيراعظم نواز شريف سان وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر عشرت العباد ملاقات ڪري امن امان جي صورتحال ۽ ٽارگيٽڊ آپريشن تي ڳالهيون ڪيون

pm ijlas

وزيراعظم نواز شريف سان وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر عشرت العباد ملاقات ڪري امن امان جي صورتحال ۽ ٽارگيٽڊ آپريشن تي ڳالهيون ڪيون، وزيراعظم نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي ساهه پٽينداسين.

وزيراعظم نواز شريف سان وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٽارگيٽڊ آپريشن ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال اڳ کان بهتر آهي ۽ گهربل نتيجا ملي رهيا آهن، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.

وزيراعظم چيو ته نيشنل ايڪشن پلان سڀني پارٽين جي مشاورت سان شروع ڪيو هو ۽ 23 آگسٽ تي ٻئي مرحلي لاءِ به سياسي پارٽين سان مشاورت ڪئي ويندي.

ميان نواز شريف چيو ته سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ امن امان قائم ٿيڻ سان سيڙپڪاري جا موقعا ملي رهيا آهن.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته وفاقي سرڪار صوبائي حڪومتن جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي، دهشتگردي جو گڏجي مقابلو ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*