لاڙڪاڻو پوليس جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيل ٻارڙي سنڌو سومرو جي ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري ورتي

لاڙڪاڻي ۾ جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيل ٻارڙي سنڌو سومرو جي ڪيس جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، پوليس موجب ٻن جوابدار ٻارڙي کي زيادتي جو نشانو بڻائي گهٽا ڏئي قتل ڪيو.

يار محمد ڪالوني ۾ 14 ڏينهن اڳ ڏاڍائي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيل ٻارڙي فوزيا عرف سنڌو سومرو جي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پاران جوڙيل 6 رڪني ٽيم جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي.

جاچ ٽي ٽيم موجب ٻارڙي کي جوابدار يونس عرف ببلو جتوئي ۽ شعيب جتوئي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ جوابدار نياز جتوئي به انهن سان گڏ هو.

جاچ ٽيم موجب  جوابدارن ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي بعد کيس گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

 پوليس موجب اڄ ٽنهي جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جاچ رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*