ڪراچي جي احسن آباد ۽ گلشن اقبال مان ٽن نينگرن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي هڪ عورت سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو

349799_44804114

ڪراچي جي احسن آباد ۽ گلشن اقبال مان ٽن نينگرن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي هڪ عورت سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، حسن اسڪوائر ۽ جيٽ لين ۾ شهرين ٻن ڄڻن کي اغوا ڪندڙ سمجهي تشدد جو نشانو بڻايو، پوليس موجب گلشن اقبال ۾ گذريل ڏينهن به ٻن ٻارڙن جي اغوا جا ڪيس داخل ٿيا.

ريلوي لائين بلاڪ 5 مان ٽن ورهين جي سونيا کي جوابدار اغوا ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، والد جي رڙِين تي 15 پوليس موقعي تي پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب جوابدار جي سڃاڻپ سرجاڻي ٽائون واسي هارون طور ٿي آهي، جنهن خلاف ٻارڙِي جي والد جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران گلشن اقبال ٿاڻي ۾ اغوا جا 2 ڪيس داخل ٿي چڪا آهن.

گلشن اقبال ۾ ئي هڪ عورت پاران ٻارڙَي کي اغوا ڪرڻ جي مبينا ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا پڻ ناڪام بڻائيندي پوليس عورت کي گرفتار ڪري ورتو.

احسن آباد واري علائقي ۾ جوابدار جميل چئن ورهين جي ٻارڙَي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي شهرين جوابدارن کي پڪڙي ورتو.

شهرين جوابدار کي مارڪٽ ڪرڻ کانپوءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته حسن اسڪوائر ۽ جيٽ لين ۾ پڻ شهرين ٻن ڄڻن کي اغوا ڪندڙ سمجهي تشدد جو نشانو بڻايو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*