ڪراچي پوليس دهشتگردي جي الزام هيٺ 14 ورهين جي نينگر کي زخمي حالت ۾ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، نينگر جي دانهن تي عدالت پوليس کي ڇنڊ پٽيندي فوري طور علاج ڪرائڻ جو حڪم ڏنو

khi atc

ڪراچي پوليس دهشتگردي جي الزام هيٺ 14 ورهين جي نينگر کي زخمي حالت ۾ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، نينگر جي دانهن تي عدالت پوليس کي ڇنڊ پٽيندي فوري طور علاج ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پوليس مقابلي لاءِ سٺي جاءِ ڳولي لڌي آهي، مقابلي دوران ٻئي هنڌ گولي ڇونه لڳندي آهي.

ڊفينس پوليس دهشتگردي ۽ هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ ڄنگهه ۾ گولي لڳل نينگر عديل سميت ٽن ڄڻن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن دوران نينگر تڪليف جون دانهون ڪري ڏنيون.

ٻڌڻيءَ دوران نينگر جي ماءُ ۽ ٻيا مٽ مائٽ پڻ عدالت پهچي ويا ۽ پوليس خلاف دانهون ڪيون.

عدالت پوليس کي ڇنڊ پٽيندي ريمارڪس ڏنا ته پوليس سٺي جاءِ ڳولي لڌي آهي، مقابلي دوران گوڏي کانسواءِ ٻئي پاسي گولي ڇونه لڳندي آهي.

عدالت پوليس کي نينگر جو پهريان علاج ڪرائڻ ۽ بعد ۾ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*