بليڪ لسٽ امريڪي شهري ميٿيو بيرٽ کي عدالت جي حڪم کانپوءِ ملڪ بدر ڪيو ويو

Blacklisted-US-national-Matthew-Barrett-20816

بليڪ لسٽ امريڪي شهري ميٿيو بيرٽ کي عدالت جي حڪم کانپوءِ ملڪ بدر ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي موجب امريڪي شهري ميٿيو بيرٽ کي اسلام آباد جي اسپيشل سينٽرل جج جي عدالت جي حڪم کانپوءِ ملڪ بدر ڪيو ويو.

ميٿيو بيرٽ کي گذريل رات اسلام آباد کان لاهور پهچايو ويو هو، جتان علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان کيس پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 7 سئو يارنهن جي ذريعي سڌو سنئون نيويارڪ موڪليو ويو.

امريڪي شهري ميٿيو بيرٽ جاسوسي جي الزام هيٺ ٻيو ڀيرو ملڪ بدر ڪيو ويو آهي.

ميٿيو بيرٽ 5 آگسٽ تي ترڪي کان اسلام آباد پهتو هو، جنهن بعد ايئرپورٽ تان ئي کيس گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو هو.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي هدايتن تي امريڪي شهري جي ويزا ڪليئرنس ڏيندڙ ويزا آفيسر خلاف به ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي هئي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*