ڪراچي جي مقامي عدالت پوليس پاران سپليمينٽري چالان جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهرڻ تي بلديا سانحَي ڪيس جي ٻڌڻي 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Baldia-Case-20816

ڪراچي جي مقامي عدالت پوليس پاران سپليمينٽري چالان جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهرڻ تي بلديا سانحَي ڪيس جي ٻڌڻي 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته نئين جي آءِ ٽي جِي روشنيءَ ۾ تيار ڪيل چالان ۾ دهشتگردي جا قلم شامل آهن، جيڪو مئجسٽريٽ يا اي ٽي سِي جي انتظامي جج آڏو پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.

ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدارن ارشد، فضل، شاهه رخ ۽ ٻين کي پيش ڪيو ويو.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته بلديا سانحي بابت نئين جي آءِ ٽي جِي روشنيءَ ۾ ڪيس جو سپليمينٽري چالان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا آهن.

اسپيشل پبلڪ پراسڪيوٽر محبوب شيخ عدالت کي استدعا ڪئي ته چالان لاڳاپيل مئجسٽريٽ يا اَي ٽِي سيز جي انتظامي جج آڏو پيش ڪرڻ لاءِ مشاورت ڪئي پئي وڃي، جنهن لاءِ ڪجهه مهلت ڏني وڃي.

عدالت اسپيشل پبلڪ پراسڪيوٽر جي استدعا تي بلديا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي 27 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*