اسلام آباد جي ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري بليڪ لسٽ ۾ شامل هڪ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو

Benazir-Air-port-20816

اسلام آباد جي ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري بليڪ لسٽ ۾ شامل هڪ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد جي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران بليڪ لسٽ ۾ شامل جوابدار ساجد محمود کي گرفتار ڪيو ويو.

ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته ساجد محمود اسلام آباد کان گڏيل عرب امارتن وڃي رهيو هو ته اميگريشن وٽ ڄاڻ ملي ته سندس نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل آهي.

گرفتار ڪيل مسافر کي ايف آءِ اي کي انساني اسمگلنگ واري سيل منتقل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

واضح رهي ته بليڪ لسٽ ۾ شامل امريڪي شهري ميٿيو بيرٽ جي پاڪستان آمد کانپوءِ ايئرپورٽس تي ايف آءِ اي متحرڪ ٿي وئي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*