جيڪب آباد جي تڪ پي ايس 14 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري

Jacoabad-Election-20816

جيڪب آباد جي تڪ پي ايس 14 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، پولنگ نمبر 106 تي فرنيچر نه هئڻ ڪري زمين تي ويهي ووسٽ ڪاسٽ ڪيا پيا وڃن، تڪ جي 163 پولنگس مان 100 انتهائي حساس هئڻ ڪري سڪيورٽي جا نتظام سخت ڪيا ويا آهن.

جيڪب آباد جي صوبائي تڪ پي ايس  14 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، جنهن لاءِ جيڪب آباد تعلقي ۽ ٺل تعلقي جي سموري پولنگ اسٽيشنز تي ووٽنگ هلندڙ آهي.

جيڪب آباد جي جيم خاني ۾ پولنگ نمبر 106 تي فرنيچر نه هئڻ ڪري عملو زمين تي ويهي ووسٽ ڪاسٽ ڪرائي رهيو آهي.

پ پ اميدوار اورنگزيب پنهور، ن ليگ جي محمد اسلم ابڙو، پي ٽي آءِ جي راجا خان جکراڻي، جي يو آءِ جو ڊاڪٽر اَي جِي انصاري ۽ ايم ڊبليو ايم جو مقصود ڊومڪي ميدان ۾ لٿل آهن.

تڪ جي 163 پولنگز مان 100 انتهائي حساس ۽ باقي حساس قرار ڏنل آهن، جڏهن ته امن امان قائم رکڻ لاءِ لاڙڪاڻي ڊويزن جي سڀني ضلعن مان 5300 اهلڪار، ۽ هڪ هزار رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

پي ايس 14 تي ڪل رجسٽرڊ ووٽرز جو تعداد هڪ لک 45 هزار 756 آهي، جن مان 77 هزار 610 مرد ووٽرز ۽ 68 هزار 347 عورت ووٽرز آهن، جيڪي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*