ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس تي ضابطو نه آيو، بهاولپور واسي جناح اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو

Cago-20816

ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس تي ضابطو نه آيو، بهاولپور واسي جناح اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو ، جنهن کانپوءِ موذي مرض جو شڪار ٿيل ماڻهن جو انگ 5 ٿي ويو، جڏهن ته ايڊمنسٽريٽر ڊي سي ملير ۽ مال پڙي جي انتظاميا کي خط لکي ڇڏيو.

صحت کاتي جي نااهلي سبب ڪانگو وائرس جانورن مان انسان ۾ منتقل ٿي ويو، مال پڙي تي جانور کپائڻ لاءِ آيل بهاولپور واسي شخص ڪانگو وائرس سبب جناح اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

جوڳا قدم نه کڻڻ سبب صوبائي راڄڌاني واري شهر ۾ ڪانگو وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ 5 ٿي ويو، ڪيترائي ماڻهو موذي مرض ۾ مبتلا آهن.

ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊي سي ملير ۽ مال پڙي جي انتظاميا کي خط لکي قرباني لاءِ جانور خريد ڪندڙن کي چيڪاس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ايڊمنسٽريٽر چيو ته جانور خريد ڪرڻ کان اڳ چڪاس ڪرائي وڃي، جڏهن ته موذي مرض تي ضابطي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*