بان ڪي مون جو ڪشمير بابت بيان پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي آهي,مليحه لوڌي

Maleeha-Lodhi-20816

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ايلچي مليحه لوڌي چيو آهي ته والاريل ڪشمير معاملي کي عالمي سطح تي ڀرپور نموني اٿاريو ويو آهي، بان ڪي مون جو ڪشمير بابت بيان پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي آهي.

نيويارڪ ۾ پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي مليحه لوڌي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڏينهون ڏينهون صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ تشدد جي خاتمي ۽ مسئلي جي پر امن حل جي لاءِ ڪردار ادا ڪري.

هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون وزيراعظم نواز شريف جي خط جي جواب ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم جي مذمت ڪئي آهي، ڀارت کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشمير معاملي تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.

هڪ سوال جي جواب ۾ مليحه لوڌي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، قابض ڀارتي فوج امدادي ڪاررواين لاءِ ايندڙن کي به تشدد جو نشانو بڻائي رهي آهي.

مليحه لوڌي اهو به چيو ته پاڪستان ڪشمير معاملي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪري چڪو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون جو وزيراعظم نواز شريف ڏانهن خط لکيل جوابي خط پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي آهي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*