ڪراچي جَي عدالت، دهشتگردن جي علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ مفرور جوابدار سليم شهزاد کي اشتهار قرار ڏئي ڇڏيو

atc court

ڪراچي جَي عدالت، دهشتگردن جي علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ مفرور جوابدار سليم شهزاد کي اشتهار قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته  ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن مٿان 17سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ قادر پٽيل پيش نه ٿيا، جڏهن ته وسيم وڪيلن سوڌو عدالت ۾ پهتو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار سليم شهزاد کي اشتهار قرار ڏيندي سندس ڪيس ٻين جوابدارن کان ڌار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت دهشتگردن جي علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن مٿان 17 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ۾ پيشي دوران صحافين سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته ٻڌو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، کيس ڪراچي واسين جا اهنج گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته هو ڪراچي لاءِ نامزد ميئر آهي، مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته عدليه تي سندس مڪمل اعتماد آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*