خيبر ايجنسي ويجهو سرحدي علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو

kyber-Agensy-Operaion-20816

خيبر ايجنسي ويجهو سرحدي علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڪارروائي بعد دهشتگردن جي استعمال هيٺ هٿيارن جو وڏو ذخيرو به تباهه ڪيو ويو.

خيبر ايجنسي ويجهو سرحدي علائقن تيره ماٿري ۽ راجگل ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته راجگل ۽ تيره ماٿري ۾ سڪيورٽي فورسز پاران زميني ۽ فضائي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا.

ڪارروائي جي نتيجي ۾ دهشتگردن جي 6 ٺڪاڻا به تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته ڪارروائي کانپوءِ دهشتگردن جي استعمال هيٺ هٿيارن جو وڏو ذخيرو به تباهه ڪيو ويو.

واضح رهي ته پاڪ افغان سرحد ويجهو دهشتگردن جي چرچر روڪڻ لاءِ پاڪ فوج پاران ڪجهه ڏينهن اڳ راجگل وادي ۾ آپريشن ڪيو ويو هو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*