اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي حملي ڪيس جي وڌيڪ هڪ جوابدار خالد محمود کي اڄ ڦاهي ڏيڻ جو امڪان

اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي حملي ڪيس جي وڌيڪ هڪ جوابدار خالد محمود کي اڄ ڦاهي ڏيڻ جو امڪان آهي، جوابدار جي وارثن سان آخري ملاقات بعد راولپنڊي جـِي اڊيالا جيل ۾ کيس ڦاهي تي ٽنگيو ويندو.

پرويز مشرف تي حملي ۾ ملوث هوائي فوج جي اڳوڻي ٽيڪنيشن خالد محمود کي ڪورٽ مارشل ذريعي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

خالد محمود کي راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ڦاهي ڏيڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، قيدي جي وارثن کي چڪوال مان گهرايو ويو آهي ۽ اڊيالا جيل ۾ وارثن سان ملاقات ڪرائي ويندي.

ذريعن موجب، جيل انتظاميه کي خالد محمود کي ڦاهي تي ٽنگڻ لاءِ ڊيٿ وارنٽ پڻ ملي ويا آهن، وارثن سان ملاقات بعد جوابدار کي ڪنهن به وقت ڦاهي تي ٽنگڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته خالد محمود هوائي فوج ۾ ٽيڪنيشن هو، مٿس 14 ڊسمبر 2004 ۾ پرويز مشرف تي حملي جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*