سکر ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه سول استپال جو دوور ڪري گذريل ڏينهن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت ايم ايس کان پڇاڻو ڪيو

Khursheed-shah-20816

سکر ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه سول استپال جو دوور ڪري گذريل ڏينهن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت ايم ايس کان پڇاڻو ڪيو، خورشيد شاهه جو چوڻ  آهي ته سول اسپتال ۾ ست ٻارڙا نه پر صرف 2 ٻارڙا فوت ٿيا آهن، معاملي تي اجائي پرپگنڊا ڪئي  وئي.

گذريل ڏينهن سول اسپتال جي گائني وارڊ ۾ انڪيوبيٽرز نه هئڻ ڪري ستن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بعد اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه سول اسپتال جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سول اسپتال ۾ ستن ٻارڙن جي  فوت ٿيڻ بابت اجائي پروپگنڊا ڪئي وئي، اسپتال ۾ ست نه پر 2 ٻارڙا فوت ٿيا آهن.

سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سول اسپتال جي بجيٽ 7 ڪروڙ رپين کان وڌائي 21 ڪروڙ رپيا ڪئي وئي آهي ۽ مريضن کي مفت دوائون فراهم ڪيون وينديون.

خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته جلد اسپتال ۾ قائم خانگي ميڊيڪل اسٽور بند ڪيا ويا ۽ ڪنهن به مريض کي اسپتال ٻاهران دوائون خريد ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*