سنڌ ڪابينا مدرسن ۽ مسجدن جي رجسٽريشن جي نئين قانون واري بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

Sindh-Cabinet-20816

سنڌ ڪابينا مدرسن ۽ مسجدن جي رجسٽريشن جي نئين قانون واري بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، اين جي اوز رجسٽريشن کانسواءِ ڪم نه ڪري سگهنديون، مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته وفاقي سرڪار نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي، قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار قانونسازي جي حوالي سان ٻين صوبن کان اڳڀري آهي.

ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير، صلاحڪار، خصوصي معاون ۽ آءِ جي سنڌ سميت ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ڪراچي آپريشن، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد سميت مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني.

سنڌ ڪابينا ديني مدرسن جي نئين سر رجسٽريشن، سنڌ ٽرانسپرنسي ۽ رائيٽ ٽو انفارميشن بلز جي منظوري ڏيندي قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

اجلاس ۾ عملدارن وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن شهرن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ ديني مدرسا اڻ رجسٽرڊ آهن، جن جي رجسٽريشن اڻٽر آهي.

ڪابينا صوبي اندر ديني مدرسن ۽ مسجدن جي رجسٽريشن لاءِ نئون قانون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو.

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته اڳواٽ رجسٽرڊ مدرسن جي انتظاميا، امامن ۽ خطيبن جي ٻيهر رجسٽريشن ڪئي ويندي، جڏهن ته جمعي جو هڪ خطبو لازمي قرار ڏيڻ لاءِ به قانونسازي ڪئي ويندي.

سنڌ ڪابينا غير رجسٽرڊ اين جي اوز جي نگراني ڪرڻ ۽ سمورا اڪائونٽس آڊٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هاڻي ڪا به اڻ رجسٽرڊ اين جي اوز  ڪم  نه ڪري سگهندي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته قومي ايڪشن پلان تي هر حال ۾ عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، ان حوالي سان ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ ٻارن اغوا ٿيڻ واريون خبرون افواهه آهن.

هن چيو ته وفاقي سرڪار چوندي رهي آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندڙ ملڪ سان سچا نه آهن، هاڻي هڪ ذميوار سڪيورٽي اداري ايڪشن پلان بابت نشاندهي ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته هڪ وفاقي وزير رينجرز معاملي تي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فتح سنڌ سرڪار جي ٿي آهي.

قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران اهم قانونسازي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان به ويچاريو ويو………….

ٻئي پاسي صوبائي صلاحڪار سعيد غني چيو ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مختلف بلز جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.

هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه سرڪاري کاتن جي سمورن عملدارن کي وقت سر آفيسز پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن تي عمل ٿيندي نظر به اچي رهيو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*