سجاول ۾ پرائمري اسڪول مان ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ جي شڪ هيٺ علائقي واسين هڪ شخص کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

sujawal-map09-9

سجاول ۾ پرائمري اسڪول مان ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ جي شڪ هيٺ علائقي واسين هڪ شخص کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار شخص حيدرآباد جو رهواسي آهي، جنهن کي غلط فهمي جي بنياد تي علائقي واسين پڪڙيو آهي.

 بهاول خان مگسي پرائمري اسڪول ٻاهران هڪ شخص کي علائقي واسين ٻارڙن جو اغوا ڪار سمجهي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته سوگهو ڪيل شخص جي  سرفراز مگسي طور سڃاڻپ ٿي آهي، جيڪو حيدرآباد جو رهواسي آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته علائقي واسين پاران سوگهو ڪيل شخص پنهنجي گهرواري کان ناراض ٿي حيدرآباد کان سجاول پهتو  ۽ علائقي واسين غلط  فهمي جي بنياد تي کيس پڪڙيو آهي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*