چمن بارڊر تي افغان شهرين احتجاج ۽ پٿراءُ کانپوءِ باب دوستي گيٽ ٻي ڏينهن به بند هئڻ سبب ٻه طرفو واپار ٻي ڏينهن به معطل

Chaman-Border-gate-20816

چمن بارڊر تي افغان شهرين احتجاج ۽ پٿراءُ کانپوءِ باب دوستي گيٽ ٻي ڏينهن به بند هئڻ سبب ٻه طرفو واپار ٻي ڏينهن به معطل آهي، بارڊر تي پاڪ افغان فورسز پاران فليگ ميٽنگ به ڪئي وئي پر گيٽ کولڻ بابت ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو.

چمن بارڊر تي گذريل ڏينهن افغانستان جي حد ۾ ڀارت نواز ڪجهه شهرين باب دوستي تي پٿراءُ ڪيو هو، جنهن بعد پاڪستاني فورسز باب دوستي گيٽ کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند ڪري ڇڏيو هو.

واقعي خلاف پاڪ افغان دوستي گيٽ اڄ ٻي ڏنهن به بند آهي، جنهن سبب ٻه طرفي واپار ٻي ڏينهن به معطل آهي.

باب دوستي بند هئڻ سبب نيٽو سپلاءِ، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ امپورٽ ايڪسپورٽ سميت هر قسم جون واپاري سرگرميون بند آهن ۽ سبب سرحد جي ٻنهي طرفن کان مال برداري گاڏين جون وڏيون قطاريون لڳل آهن.

دوستي گيٽ بند هئڻ سبب افغان سڪيورٽي فورسز جي درخواست تي پاڪ افغان سڪيورٽي فورسز جي فليگ ميٽنگ به ٿي  پر اها بنا نتيجي ختم ٿي وئي ۽ باب دوستي کولڻ بابت ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فليگ ميٽنگ افغان سڪيورٽي فورسز جي درخواست ڪئي وئي وئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*